ٽيم ۾ شموليت فٽنس سان مشروط: جيئن وڻيوَ ڪيو، ٽيم سُڌاري ڏيو: پي سي بي جو ڪوچز کي فري هينڊ

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي قومي ٽيم جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوچز کي فري هينڊ ڏئي ڇڏيو آهي.  پي سي بي چيئرمين محسن نقوي سان وائيٽ بال جي هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن، ريڊ بال جي هيڊ ڪوچ جيسن گليسپي ۽ اسسٽنٽ ڪوچ اظهر محمود ملاقات ڪئي

ملاقات دوران پي سي بي چيئرمين سان پاڪستاني رانديگرن جي ڪوچنگ وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جڏهن ته پرڏيهي ڪوچز ٽيم جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ پلان کان آگاهه ڪيو جنهن تي محسن نقوي ڪوچز جي تجويزن سان اتفاق ڪيو. ان دوران بيٽنگ، بالنگ ۽ خاص طور فيلڊنگ کي بهتر بڻائڻ لاءِ گڏيل پلان جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو

جڏهن ته ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته رانديگرن جي ٽيم ۾ شموليت فٽنس سان مشروط هوندي، پاڪستاني ٽيم ۾ ٽيلنٽ جي کوٽ ناهي، سٺي ڪامبينيشن جو فقدان آهي. پي سي بي چيئرمين ڪوچز کي فري هينڊ ڏيندي چيو ته اوهان تي پورو اعتماد آهي، رانديگرن جي ڪوچنگ جي حوالي سان اوهان کي پوري سپورٽ ڏينداسين

Read Previous

اسان جي دوستن جي زرعي سوچ ناهي، اُهي زراعت تي انڪم ٽئڪس لڳائي رهيا آهن: صدر آصف زرداري

Read Next

سيوهڻ: معمولي ڳالهه تان ڀنڀرا ۽ سولنگي برادري ۾ جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

Most Popular