9 مئي ڪيس: عبوري ضمانت انهي جو حق نه آهي جنهن حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش ڪئي: عدالتي فيصلو جاري

لاهور: (خميس: 11 جولاءِ 2024ع) دهشتگردي جي انت واري عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان جي 9 مئي ڪيسن ۾ عبوري ضمانت رد ڪرڻ جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.

دهشتگردي جي انت واري عدالت لاهور جي جج خالد ارشد 4 صفحن تي ٻڌل لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 2 سرڪاري گواهن بيان ڏنو ته 7 مئي جي شام 5 وڳي زمان پارڪ ۾ گڏجاڻي ٿي جتي پي ٽي آءِ جا 15 اڳواڻ موجود هئا. گڏجاڻي ۾ عمران خان 9 مئي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گرفتاري جو امڪان ظاهر ڪيو ۽ هدايت ڏني ته جيڪڏهن منهنجي گرفتاري ٿي ته ياسمين راشد جي قيادت ۾ ڪارڪنن کي گڏ ڪيو وڃي.

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته گڏجاڻي ۾ فيصلو ٿيو ته گرفتاري تي فوجي ٺڪاڻن ۽ سرڪاري عمارتن تي حملو ڪري حڪومت کي پريشرائز ڪيو ويندو. 9 مئي تي اسلام آباد وڃڻ وقت پي ٽي آءِ باني وڊيو بيان ڏنو ته جيڪڏهن انهي کي گرفتار ڪيو ويو ته ملڪي حالتون سريلنڪا جهڙيون ٿي وينديون. پراسيڪيوشن پي ٽي آءِ باني جي وڊيو پيغامن جو ٽرانسڪرپٽ عدالت ۾ جمع ڪرايو. پراسيڪيوشن جو پي ٽي آءِ باني خلاف ڪيس اهو آهي ته هن 9 مئي جي منصوبه بندي ڪئي.

عدالتي فيصلي موجب پراسيڪيوشن جو ڪيس اهو آهي ته پي ٽي آءِ جي اهم اڳواڻن منصوبه بندي کان اتفاق ڪيو ۽ ماڊرن ڊيوائسز تان پيغام اڳيان پهچايو. عمران خان چڙ ڏيارڻ جي لاءِ بيان ٺاهيا وڊيو ۾ استعمال ٿيل اوزار هٿ آيا آهن. درخواستگذار جي وڪيل جو اهو چوڻ ته درخواستگذار کي سياسي انتقام جو نشانو بنايو پيو وڃي انهن دليلن ۾ ڪوبه وزن نه آهي. ڏوهاري سازش سان پرامن اجتماع به دهشتگرد بڻجي ويندو آهي. اي ٽي سي جج پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته چڙ ڏياريندڙ پيغام ڏيڻ ۽ ان کي اڳيان پکيڙي آرمي ٺڪاڻن جناح هائوس، سرڪاري عمارتن تي حملو، دهشتگردي جي زمري ۾ اچي ٿو. درخواستگذار انهي فعل سان پنهنجي قانون تي عملدرآمد جا بنيادي حق وڃائي ويٺو آهي عبوري ضمانت معصوم فرد جو حق آهي. پر هن درخواستگذار جو حق نه آهي جنهن پي ٽي آءِ جي ٻئي قيادت سان ملي سازش ڪري رياست جي خلاف جنگ ڪئي.

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عبوري ضمانت انهي جو حق نه آهي جنهن حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش ڪئي. درخواستگذار جو مبينه ڏوهه سان تعلق ثابت ڪرڻ جي لاءِ مناسب گرائونڊ موجود آهي انهي لاءِ پي ٽي آءِ باني جي عبوري ضمانت رد ڪئي وڃي ٿي.

Read Previous

سيوهڻ: معمولي ڳالهه تان ڀنڀرا ۽ سولنگي برادري ۾ جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

Read Next

پاڪستان بار ڪونسل آءِ ايس آءِ کي فون ٽيپنگ جي منظوري جو نوٽيفڪيشن چيلينج ڪري ڇڏيو

Most Popular