قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان حڪومت کي ڪو به خطرو نه آهي، اسان وٽ اڄ به 209 ميمبرز جي اڪثريت آهي
سپريم ڪورٽ جو فيصلو اچڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته مخصوص سيٽن بابت فيصلو اڃا پورو نه پڙهيو آهي
وفاقي وزير وڌيڪ يو ته حڪومت پاران نظرثاني جي درخواست داخل ڪرائڻ بابت في الحال ڪجهه به چئي نه ٿو سگهان