سپريم ڪورٽ جو اڄوڪو فيصلو تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو: بئرسٽر گوهر

پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو اڄوڪو فيصلو تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو، سپريم ڪورٽ اڄ 25 ڪروڙ عوام ۽ جمهوري قوتن جي حق ۾ فيصلو ڏنو

سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته 13 رڪني فل ڪورٽ جي 11 ججز پي ٽي آءِ جي حق ۾ فيصلو ڏنو، پي ٽي آءِ کي فوري طور مخصوص سيٽون ڏنيون وڃن

هن چيو ته اڄوڪي فيصلي سان پي ٽي آءِ کي ڀت سان لڳائيندڙن جا ارادا پاش پاش ٿي ويا، پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ شوزب ڪنول جي وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته اڄ اسان قانوني جنگ کٽي آهي، هاڻي سياسي جنگ کٽڻي آهي

Read Previous

سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان حڪومت کي ڪو به خطرو نه آهي: اعظم نذير تارڙ

Read Next

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سميت 5 ججز مخصوص سيٽن بابت درخواستن جي مخالفت ڪئي

Most Popular