چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سميت 5 ججز مخصوص سيٽن بابت درخواستن جي مخالفت ڪئي

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سميت 5 ججز مخصوص سيٽن بابت درخواستن جي مخالفت ڪئي، مخالفت ڪندڙ ججز ۾ جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس نعيم افغان ۽ جسٽس امين الدين شامل آهن

 جسٽس يحيٰ آفريدي اختلافي نوٽ به تحرير ڪيو، اڪثريتي فيصلو ڏيندڙ ججز ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس شاهد وحيد، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس عرفان سعادت، جسٽس اطهر من الله، جسٽس منيب اختر، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس محمد علي مظهر شامل آهن

اڪثريتي فيصلو جسٽس منصور علي شاهه پڙهي ٻڌايو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اليڪشن ڪميشن غلط طور پي ٽي آءِ اميدوارن کي آزاد ڊڪليئر ڪيو، پي ٽي آءِ آزاد قرار ڏيڻ واري فيصلي کي چئلينج ئي نه ڪيو

چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي ميمبرن کي ڪڍي فيصلو ڪيو، ان بنياد تي پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو

 چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي ذميواري پوري نه ڪئي، اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن جي ٻيهر ورڇ ڪري، هاڻي پي ٽي آءِ جا چونڊيل ميمبر پاڻ کي آزاد يا پي ٽي آءِ جو ڊڪليئر ڪن، پي ٽي آءِ ميمبرن تي ڪو به دٻاءُ نه هئڻ گهرجي

Read Previous

سپريم ڪورٽ جو اڄوڪو فيصلو تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو: بئرسٽر گوهر

Read Next

حڪومت اڪثريت وڃائي ويٺي، پي ٽي آءِ قومي اسيمبليءَ جي سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي ويندي

Most Popular