حڪومت اڪثريت وڃائي ويٺي، پي ٽي آءِ قومي اسيمبليءَ جي سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي ويندي

اسلام آباد: (جمعو: 12 جولاءِ 2024ع) مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ کي ملڻ کانپوءِ حڪمران اتحاد ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت کان محروم ٿي ويو ۽ پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبليءَ ۾ سنگل لارجسٽ پارٽي ٺهڻ جو امڪان وڌي ويو آهي.

قومي اسيمبليءَ ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن جو انگ 84 آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ جي حمايت يافته 8 آزاد اميدوار به قومي اسيمبلي ۾ موجود آهن جنهن بعد پي ٽي آءِ جي حمايت يافته اميدوارن جو مجموعي انگ 92 آهي.

سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ عورتن جون ويهه جڏهن ت چار اقليتي سيٽون پي ٽي آءِ کي ملنديون جنهن بعد قومي اسيمبليءَ ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن جو انگ 116 ٿي ويندو.

مسلم ليگ ن مجموعي طور تي 108 سيٽن سان ٻئي جڏهن ته پيپلز پارٽي 68 سيٽن سان قومي اسيمبلي ۾ ٽئي وڏي پارٽي طور موجود آهي.

ايم ڪيو ايم پاڪستان 21، جَي يو آءِ ( ف ) 8، ق ليگ 5، استحڪام پارٽي 4 جڏهن ته مسلم ليگ ضياءَ، بلوچستان نيشنل پارٽي، نيشنل پارٽي، پختونخوا ملي عوامي پارٽي ۽ ايم ڊبليو ايم جو هڪ، هڪ ميمبر قومي اسيمبليءَ ۾ موجود آهي.

سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو سڌي ريت مرڪز سان گڏ صوبن تي به پوندو جتي پي ٽي آءِ کي پنجاب اسيمبليءَ ۾ عورتن جون 24 جڏهن ته اقليتن جون 3 سيٽون ملنديون.

سنڌ اسيمبليءَ ۾ عورتن جون ٻه ۽ اقليتن جي هڪ جڏهن ته ڪي پي اسيمبلي ۾ عورتن جون 21 ۽ 4 اقليتي سيٽون ملنديون.

Read Previous

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سميت 5 ججز مخصوص سيٽن بابت درخواستن جي مخالفت ڪئي

Read Next

تنگواڻي ڀرسان نندواڻي ۽ جعفري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ سبب 3 ڄڻا قتل، 7 ڄڻا سخت زخمي

Most Popular