پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ 53 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن: شماريات کاتي جي رپورٽ

ڊجيٽل آدمشماري 2023 تي شماريات کاتي جي فائينڊنگ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ 53 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، پنجاب ۾ 96 لک ۽ سنڌ ۾ 78 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن

ڊجيٽل آدمشماري 2023 تي شماريات کاتي جي فائينڊنگ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته خيبر پختونخواهه ۾ اسڪول کان ٻاهر موجود ٻارن جو انگ 49 لک ۽ بلوچستان ۾ 50 لک کان وڌيڪ آهي

 رپورٽ موجب پاڪستان ۾ افغانين، بنگالين ۽ برمين سميت پرڏيهي ملڪن جا 21 لک 26 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ترسيل آهن

 رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ آبادي وڌڻ جي شرح خطي ۾ سڀني کان وڌيڪ ريڪارڊ ڪئي وئي آهي، هاڻوڪي تناسب سان آبادي وڌندي رهي ته 2050 تائين ملڪ جي آبادي ٻيڻي ٿي ويندي

Read Previous

بُلڙي شاهه ڪريم ويجهو نينگر پير ترڪڻ سبب پنڄاري ڪئنال واهه ۾ ٻڏي فوت

Read Next

آمريڪي صدر جوبائيڊن ڪورونا وائرس جو نشانو بڻجڻ بعد چونڊ سرگرميون معطل ڪري ڇڏيون

Most Popular