آمريڪي صدر جوبائيڊن ڪورونا وائرس جو نشانو بڻجڻ بعد چونڊ سرگرميون معطل ڪري ڇڏيون

آمريڪي صدر جوبائيڊن ڪورونا وائرس جو نشانو بڻجڻ بعد چونڊ سرگرميون معطل ڪري ڇڏيون

 وائيٽ هائوس جي ترجمان تصديق ڪندي چيو آهي ته صدر جو جوبائيڊن ۾ ڪورونا جون معمولي علامتون ظاهر ٿيون آهن، کيس وئڪسين لڳائي وئي آهي، آمريڪي صدر جي ان کان اڳ به 2 ڀيرا ڪورونا رپورٽ پازيٽو آئي هئ

، 81 سالن جي جوبائيڊن گذريل ڏينهن لاس ويگاس ۾ حامين سان ملاقات ڪئي هئي ۽ هڪ تقريب کي خطاب به ڪيو هو

ڪورونا وائرس جو نشانو بڻجڻ بعد صدر جوبائيڊن چونڊ مهم جي رٿيل تقرير ملتوي ڪري ڇڏي آهي

 صدر جو بائيڊن جي پوليٽيڪل سيڪريٽري ڪيرين جين جو چوڻ آهي ته صدر پنهنجي گهر ۾ قرنطينه دوران پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهندو

 وزيراعظم شهباز شريف پاران آمريڪي صدر جي صحتيابيءَ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيوويو، ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم چيو ته خواهش آهي ته ڪورونا مان جلد ۽ مڪمل صحتياب ٿي وڃي

Read Previous

پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ 53 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن: شماريات کاتي جي رپورٽ

Read Next

تحريڪ انصاف پاران سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ ججز آڻڻ خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل وڃڻ جو اعلان

Most Popular