تحريڪ انصاف پاران سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ ججز آڻڻ خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل وڃڻ جو اعلان

تحريڪ انصاف پاران سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ ججز آڻڻ خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

پي ٽي آءِ ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي پارلياماني پارٽي جي گڏيل اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر چيو ته موڪلن دوران 4 ايڊهاڪ ججز کي ٽن سالن لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ آڻڻ بدنيتي تي ٻڌل آهي، ايڊهاڪ جج عدليه لاءِ هاڃيڪار آهن

هن چيو ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايڊهاڪ ججز جي مقرري وارو معاملو سپريم جڊيشل ڪائونسل ڏانهن اماڻيو وڃي، ججز هن معاملي کي تڪراري نه بڻائين

 بئرسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ ملڪ جي 70 سيڪڙو عوام جي ترجمان جماعت آهي، ان تي ڪا به پابندي لڳائڻ سان حڪومت جي ابتي ڳڻپ شروع ٿي ويندي، پي ٽي آءِ محب وطن پارٽي هئي ۽ رهندي

 اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته چيف جسٽس کي پي ٽي آءِ باني بابت ڪو به ڪيس نه ٻڌڻ گهرجي، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻيا ميمبر فوري طور استعيفا ڏين، ٻي صورت ۾ سندن خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي

 سينيٽر شبلي فراز چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد حڪمران ٽولي جون وايون بتال ٿيل آهن، هنن کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ڇا ڪجي، عوام جو مينڊيٽ عوام ڏانهن وڃي رهيو آهي

Read Previous

آمريڪي صدر جوبائيڊن ڪورونا وائرس جو نشانو بڻجڻ بعد چونڊ سرگرميون معطل ڪري ڇڏيون

Read Next

قاضي احمد ۾ اغوا ٿيل ناري ثناء راهو جا وارث سراپا احتجاج بڻيل

Most Popular