قاضي احمد ۾ اغوا ٿيل ناري ثناء راهو جا وارث سراپا احتجاج بڻيل

قاضي احمد (رپورٽ: الله رکيو سيال) قاضي احمد ۾ 9 مھينا اڳ مبينا اغوا ٿيل نوجوان ناري ثناءَ راهو جا وارث سراپا احتجاج بڻيل آهن، ڳوٺ ھاشم راھو مان 9مھينا اڳ مبينا اغوا ٿيل نوجوان ناري ثناءَ راهو جا وارث سراپا احتجاج بڻيل آهن

ثناءَ راهو جي وارثن عورتن ۽ ٻارڙن سميت پاڪ  ڪتاب کڻي 39هين ڏينهن به ڊي ايس پي آفيس ۽ ٿاڻي آڏو ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو

احتجاج دوران ناري جي امڙ گلشن راهو  ڌيءَ کي ساريندي بيهوش ٿي ڪِري  پئي، کيس هوش ۾ آندو ويو

امڙ گلشن راهو موجب 39ڏينهن کان سراپا احتجاج آهيون، جوابدار  گرفتار ٿيڻ باوجود پوليس نياڻي کي بازياب  ناهي ڪرائي سگهي

هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته نياڻي بازياب نه ٿي ته 25جولاءِ تي قاضي  احمد باءِ پاس وٽ ڌرڻو هنيو ويندو، جيڪو ثناءَ جي بازيابي تائين جاري رهندو

Read Previous

تحريڪ انصاف پاران سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ ججز آڻڻ خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل وڃڻ جو اعلان

Read Next

سوڍل فقير جو مڙهه مورو ويجهو اباڻي ڳوٺ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي

Most Popular