9 مئي ڪيس: جيل سپرنٽينڊنٽ کي عمران خان کي وڊيو لنڪ يا ذاتي حيثيت ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد: (خميس: 18 جولاءِ 2024ع) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي ضمانت واري درخواستن تي ٻڌڻي 30 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پي ٽي آءِ باني جي ضمانت کان اڳ گرفتاري جي 6 ۽ بشريٰ بي بي جي هڪ درخواست تي ٻڌڻي ايڊيشنل اينڊ سيشن جج افضل مجوڪا ڪئي.

پي ٽي آءِ باني تي ترنول ٿاڻي ۾ 2، رمنا، سيڪريٽريٽ، ڪوهسار ۽ ڪراچي ڪمپني ٿاڻن ۾ هڪ هڪ ڪيس داخل آهي. جڏهن ته بشريٰ بي بي جي خلاف ڪوهسار ٿاڻي ۾ توشه خانه جعلي رسيدن جو ڪيس داخل ٿيل آهي، عمران خان جي خلاف جعلي رسيدن جو هڪ ۽ 5 ڪيس 9 مئي واقعن جا داخل آهن.

پي ٽي آءِ جي وڪيل خالد يوسف عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته بيرسٽر سلمان صفدر لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس ۾ مصروف آهن. ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪئي وڃي.

جج افضل مجوڪا ريمارڪس ڏنا ته جلدي ٻڌڻي نه رکي وڃي. ٻڌڻي موڪلن کان پوءِ سيپٽمبر تائين ملتوي ٿيندي جنهن تي خالد يوسف چوڌري چيو ته ايندڙ هفتي ٻڌڻي رکو. بيرسٽر سلمان صفدر کي دليل ڏيڻا آهن. جج افضل مجوڪا جواب ڏنو ته ايندڙ هفتي تائين ڪيسز جو تمام گهڻو رش آهي. سيشن جج اسلام آباد سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل کي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي وڊيو لنڪ يا ذاتي حيثيت ۾ حاضري يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي.

عدالت عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي 30 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي ضمانت دليل طلب ڪري ورتا.

Read Previous

سوڍل فقير جو مڙهه مورو ويجهو اباڻي ڳوٺ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي

Read Next

پي ٽي آءِ ۽ سني اتحاد ڪونسل جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس: اهم معاملن تي ڳالهيون

Most Popular