پي ٽي آءِ ۽ سني اتحاد ڪونسل جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس: اهم معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد: (خميس: 18 جولاءِ 2024ع) پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ سني اتحاد ڪونسل جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اهم معاملن تي مشاورت ڪئي وئي.

ذريعن موجب اجلاس کان اڳ قومي اسيمبلي جي ميمبر زرتاج گل، عمر ايوب، شبلي فراز، علي محمد خان، ڊاڪٽر همايون مهمند، عاطف خان، پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر، سني اتحاد ڪونسل جي سربراهه صاحبزاده حامد رضا، شيخ وقاص، اڪرم ۽ ڊبليو ايم او جي سربراهه علامه ناصر عباس اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پارليامينٽ هائوس پهتا.

پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ شريڪ ٻين اڳواڻن ۾ شاندانه گلزار، عون پبي، محسن عزيز، فيصل سليم به شامل هئا. اجلاس ۾ مخصوص سيٽن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي مشاورت کان علاوه پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون.

اجلاس ۾ عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسز تي به ڳالهيون ڪيون ويون. اجلاس کان پوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻن پارليامينٽ هائوس جي ٻاهران پيدل مارچ ڪيو ۽ صحافين سان ڳالهين ۾ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن کان آگاهه ڪيو ويو.

Read Previous

9 مئي ڪيس: جيل سپرنٽينڊنٽ کي عمران خان کي وڊيو لنڪ يا ذاتي حيثيت ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت

Read Next

حڪومت پي ٽي آءِ تي پابندي جو ارادو ظاهر ڪيو آهي، آئيني طريقي سان عمل ڪيو ويندو: راناثناءُالله

Most Popular