حڪومت پي ٽي آءِ تي پابندي جو ارادو ظاهر ڪيو آهي، آئيني طريقي سان عمل ڪيو ويندو: راناثناءُالله

اسلام آباد: (خميس: 18 جولاءِ 2024ع) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُالله چيو آهي ته پي ٽي آءِ تي پابندي جي حوالي سان حڪومت اڃان تائين صرف ارادو ظاهر ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان آئين تي عمل ڪيو ويندو.

نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي رانا ثناءُالله چيو ته حڪومت آرٽيڪل 17 جي تحت ڪنهن به پارٽي تي پابندي جي لاءِ ڊڪليريئيشن ڏئي سگهي ٿي جڏهن ڪابينه منظوري ڏيندي ته ڊڪليئريشن کي 15 ڏينهن ۾ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن عدالت ڊڪليئريشن بابت متفق ٿي وڃي ته انهي پارٽي تي پابندي لڳي ويندي آهي.

وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته حڪومت اڃان تائين صرف پنهنجي ارادي کي ظاهر ڪيو آهي، آئين ۾ دٻيل طريقيڪار موجب عمل ڪيو ويندو.

رانا ثناءُالله وڌيڪ چيو ته مخصوص سيٽن جي معاملي تي عدالت ۾ پنهنجو موقف پيش ڪنداسين. جيڪڏهن مخصوص سيٽون اسان کي ملي ويون ته آئيني طور تي ڪوشش ڪنداسين.

هن چيو ته ايڊهاڪ ججز رکڻ جو باقاعده آئين ۾ ذڪر آهي، جيڪڏهن اهو صحيح  عمل نه آهي ته پوءِ اهو آئين ۾ ڇو لکيل آهي؟ ڪنهن جي پسند يا ناپسند تي آئيني شيءَ کي نٿو روڪي سگهجي.

رانا ثناءُالله وڌيڪ چيو ته معاشي بدحالي 2018 کان پوءِ آئي آهي، عمران خان کي حڪومت ۾ آڻي ملڪ کي ويهاريو ويو ۽ هلندڙ خوشحال ملڪ کي اهڙي صورتحال ۾ مبتلا ڪيا ويو.

Read Previous

پي ٽي آءِ ۽ سني اتحاد ڪونسل جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس: اهم معاملن تي ڳالهيون

Read Next

يوم عاشور تي بهترين سيڪيورٽي انتظام: وزيراعظم شهباز شريف چئني صوبن جي وڏن وزيرن کي خراج تحسين پيش ڪري ڇڏيو

Most Popular