يوم عاشور تي بهترين سيڪيورٽي انتظام: وزيراعظم شهباز شريف چئني صوبن جي وڏن وزيرن کي خراج تحسين پيش ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: (خميس: 18جولاءِ 2024ع) وزيراعظم شهباز شريف يوم عاشور تي بهترين سيڪيورٽي انتظامن تي چئني صوبن جي وڏن وزيرن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم يوم عاشور تي بهترين سيڪيورٽي انتظامن سنڀالڻ تي وفاقي گهرو وزير کي  پڻ خراج تحسين پيش ڪيو آهي.

وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ يوم عاشور جون سرگرميون پرامن طريقي پنهنجي انجام تائين پهتيون، وزيراعظيم چيو ته وفاق ۽ صوبن ۾ پوليس، فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان تعاون ڪرڻ تعريف جوڳو عمل آهي. صوبن طرفان محرم الحرام دوران بهترين انتظام ڪيا ويا هئا.

Read Previous

حڪومت پي ٽي آءِ تي پابندي جو ارادو ظاهر ڪيو آهي، آئيني طريقي سان عمل ڪيو ويندو: راناثناءُالله

Read Next

ڪجهه ڪلاڪن جي برسات ٽورنٽو شهر کي ٻوڙي ڇڏيو، اُڏامون معطل

Most Popular