اسلام آباد پوليس بيرسٽر گوهر ۽ رئوف حسن کي گرفتار ڪري ورتو

اسلام آباد: (سومر: 22 جولاءِ 2024ع)  اسلام آباد پوليس تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر ۽ سيڪريٽري اطلاعات رئوف حسن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب پوليس ٻنهي اڳواڻن کي تحريڪ انصاف جي اسلام آباد سينٽرل سيڪريٽريٽ مان گرفتار ڪري ورتو.

ذريعن ٻڌايو آهي ته اسلام آباد پوليس سيڪريٽريٽ مان ڪمپيوٽر سميت ٻيو سامان به کنيو آهي جڏهن ته پوليس سينٽرل سيڪريٽريٽ کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

ٻئي طرف سوشل ميڊيا سائٽ ايڪس(ٽوئٽر) تي تحريڪ انصاف ٻنهي اڳواڻن جي گرفتاري جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ هن وقت جهنگ جو قانون آهي جهڙي طرح اسلام آباد پوليس قانون جو مذاق اڏائي رهي آهي اهو شرمناڪ عمل آهي.

Read Previous

ڪجهه ڪلاڪن جي برسات ٽورنٽو شهر کي ٻوڙي ڇڏيو، اُڏامون معطل

Read Next

ڪراچي جا وڌندڙ مسئلا: صدر آصف زرداري ميئر مرتضيٰ وهاب کي اسلام آباد طلب ڪري ورتو

Most Popular