ڪراچي جا وڌندڙ مسئلا: صدر آصف زرداري ميئر مرتضيٰ وهاب کي اسلام آباد طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: (سومر: 22 جولاءِ 2024ع) صدر آصف علي زرداري ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب کي شهر جي مسئلن جي حل لاءِ اسلام آباد طلب ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب مرتضيٰ وهاب صدر آصف علي زرداري سان ملاقات جي لاءِ اڄ اسلام آباد روانو ٿي ويو آهي. صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ۾ ڪراچي جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ تجويزن تي غور ڪيو ويندو.

ذريعن ٻڌايو آهي ته ڪراچي ۾ ميگا اسڪيمن ۽ پاڻي جي فراهمي تي ميئر ڪراچي صدر آصف علي زرداري کي بريفنگ ڏيندو. صدر آصف علي زرداري ۽ ميئر ڪراچي جي ملاقات سومر جي ڏينهن (اڄ) شيڊول آهي.

ياد رهي ته گذريل ٻن ڏينهن کان ڪراچي ۾ جاري برسات کان پوءِ شهر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو هو انهي موقعي تي مرتضيٰ وهاب صحافين سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو هو ته هيٺاهين وارن علائقن مان برسات  جو پاڻي نيڪال ڪيو ويو آهي. شهر جي مختلف علائقن ۾ هيوي مشينري موجود آهي.

هن وڌيڪ چيو هو ته عوام جي ٺڪرايل ماڻهن جو بنا ڪنهن سبب جي تنقيد ڪرڻ معمول بڻجي ويو آهي. بيان ڏيندڙن کي ڪٿي به  برسات جو پاڻي نظر نه آيو، هو صرف عوام کي گمراهه ڪرڻ فرض سمجهن ٿا.

Read Previous

اسلام آباد پوليس بيرسٽر گوهر ۽ رئوف حسن کي گرفتار ڪري ورتو

Read Next

چونڊن ۾ شڪست جي باوجود اسيمبلي ۾ ويٺل شخص جي سياست تي ڇا ڳالهائي سگهجي ٿو: شفقت محمود

Most Popular