چونڊن ۾ شڪست جي باوجود اسيمبلي ۾ ويٺل شخص جي سياست تي ڇا ڳالهائي سگهجي ٿو: شفقت محمود

اسلام آباد: (سومر: 22 جولاءِ 2024ع) تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته خواجه آصف جهڙي شخص جو حملي آور ٿيڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي.

شفقت محمود چيو ته جنهن شخص کي ٻن چونڊن ۾ شڪست ملي هجي ۽ ان باوجود هو اسيمبلي ۾ نڪ جي پڪائي سان ويٺل هجي انهي جي سياست تي ڇا ڳالهايو وڃي.

ياد رهي ته شفقت محمود جي سياست ڇڏڻ جي اعلان تي مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ خواجه آصف ايڪس(ٽوئٽر) تي رد عمل ڏيندي چيو ته شفقت محمود کي مان 1964 کان سڃاڻان ٿو. گورنمنٽ لاهور ۽ هوسٽل کان تعلق جي شروعات ٿي. منهنجي ان سان 55/50 سالن جي ويجهي دوستي جي غلط فهمي به رهي.

خواجه آصف چيو هو ته ان دوران اسان ڪيترائي سٺا ۽ خراب ڪم گڏ ڪيا، خراب ڪم  وڌيڪ ڪيا جڏهن ته سٺا ڪم گهٽ ڪيا.

Read Previous

ڪراچي جا وڌندڙ مسئلا: صدر آصف زرداري ميئر مرتضيٰ وهاب کي اسلام آباد طلب ڪري ورتو

Read Next

ملڪ ۾ چيلنجز موجود آهن، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي عوام کي سهولتون ڏيڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي: شرجيل ميمڻ

Most Popular