اڳوڻو سريلنڪن ڪپتان کي سندس زال ۽ ٻارن سامهون گوليون هڻي قتل

ڪولمبو: (ويب ڊيسڪ) سريلنڪا جي انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ڌميڪا نروشنا کي گولي هڻي قتل ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، سريلنڪن پوليس جو چوڻ آهي ته 41 ورهين جي اڳوڻي ڪپتان ڌميڪا نروشنا کي مبينا طور اڱاري جي رات دير سان سندس رهائشگاهه تي گولي هڻي قتل ڪيو ويو .

پوليس موجب، جنهن وقت اِهو واقعو پيش آيو ته ڌميڪا نروشنا پنهنجي گهرواري ۽ ٻن ٻارن سان گڏ گهر ۾ موجود هو، کيس زال ۽ ٻارن جي سامهون گولي هنئي وئي.

ميڊيا رپورٽن موجب، اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول ڪرڪيٽر جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال موڪليو.

پوليس موجب، شروعات جاچ دوران قتل جا ڪارڻ معلوم ناهن ٿي سگهيا، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي وپئي وڃي.

Read Previous

ملڪ ۾ چيلنجز موجود آهن، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي عوام کي سهولتون ڏيڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي: شرجيل ميمڻ

Read Next

راحت فتح علي خان دبئي ايئرپورٽ تان گرفتار

Most Popular