راحت فتح علي خان دبئي ايئرپورٽ تان گرفتار

دبئي: (سومر: 22 جولاءِ 2024ع) مشهور گلوڪار راحت فتح علي خان کي دبئي ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو آهي. راحت فتح علي خان کي گرفتار ڪري برج دبئي پوليس اسٽيشن ۾ رکيو ويو آهي.

ذريعن موجب راحت فتح علي خان جي اڳوڻي مئنيجر سلمان احمد ان جي خلاف دبئي اختيارين کي درخواست ڏني آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته راحت فتح علي خان پنهنجي ڪنسرٽس جي سلسلي ۾ دبئي پهتو هو.

راحت فتح علي خان ڪجهه مهينا اڳ پنهنجي مئنيجر سلمان احمد کي تڪرار کان پوءِ هٽائي ڇڏيو هو، راحت فتح علي خان ۽ اڳوڻي پروموٽر سلمان هڪ ٻئي جي خلاف ڪيس داخل ڪري رکيا آهن.

Read Previous

اڳوڻو سريلنڪن ڪپتان کي سندس زال ۽ ٻارن سامهون گوليون هڻي قتل

Read Next

ملڪ ۾ سخت گرمي دوران بجلي جي ڊگهي ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب عوام پريشان

Most Popular