ملڪ ۾ سخت گرمي دوران بجلي جي ڊگهي ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب عوام پريشان

ڪراچي: (سومر: 22 جولاءِ 2024ع) سخت گرمي دوران بجلي جي ڊگهي اعلانيل ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب عوام پريشان ٿي وئي آهي.

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ 10 کان 12 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ عوام جون زندگيون مشڪل بنائي ڇڏيون آهن، سخت گرمي دوران بجلي بند هجڻ سبب مختلف بيمارين ۾ پڻ وٺجي ويا آهن.

حيدرآباد جي به مختلف علائقن ۾ لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب ڪاروبار سميت اتان جا رهواسي سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. راولپنڊي جا شهري علائقن ۾ 3 کان چار ڪلاڪ ۽ ڏوراهين علائقن ۾ چار کان پنج ڪلاڪ بجلي بند رهڻ معمول بڻجي ويو آهي.

اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب ٽيوب ويل ۽ فلٽريشن پلانٽ سبب پاڻي جي سپلائي به متاثر ٿي وئي آهي، جڏهن ته پشاور ۾ به لوڊشيڊنگ جو ٽائيم وڌي ويو آهي.

ڪيسيڪو ذريعن موجب جمعي جي ڏينهن طوفاني برسات سبب متاثر ڪوهلو، بارکهان، گرڊ اسٽيشن جي هاءِ ٽرانسميشن لائن جي مرمت جو ڪم جاري آهي، ايندڙ 24 کان 36 ڪلاڪن تائين ڪوهلو ۽ بارکهان جي بجلي بحال ڪئي ويندي.

Read Previous

راحت فتح علي خان دبئي ايئرپورٽ تان گرفتار

Read Next

بنگلاديش جي سپريم ڪورٽ سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم واري هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل روڪي ڇڏيو

Most Popular