بنگلاديش جي سپريم ڪورٽ سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم واري هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل روڪي ڇڏيو

ڍاڪا: (آچر: 21 جولاءِ 2024ع) بنگلاديش جي سپريم ڪورٽ سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽائن تي هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل روڪي ڇڏيو آهي.

مقامي ميڊيا موجب بنگلاديش جي سپريم ڪورٽ ۾ ڪوٽا سسٽم جي بحالي خلاف ٻڌڻي ۾ عدالت سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم تي هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.

ياد رهي ته گذريل مهيني هاءِ ڪورٽ سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم کي بحال ڪيو هو. ٻئي طرف بنگلاديش ۾ سرڪاري نوڪرين جي ڪوٽا سسٽم جي خلاف احتجاج ۽ پرتشدد مظاهرن کي روڪڻ جي لاءِ ڪرفيو ۾ اڄ ٻنپهرن تائين واڌ ڪئي وئي آهي.

خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ڍاڪا جي روڊن تي سيڪيورٽي اهلڪارن جو گشت جاري آهي پرتشدد مظاهرن ۾ 133 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. فوت ٿيلن ۾ 2 پوليس اهلڪار به شامل آهن جڏهن ته 150 پوليس اهلڪار زخمي به ٿيا آهن. حڪومت جي هدايت تي انٽرنيٽ، ٽيڪسٽ ميسيج ۽ اوورسيز ڪال سروس خميس تائين معطل آهي، تعليمي ادارا ۽ آفيسون به بند آهن.

بنگلاديش ۾ 1971ع جي جنگ وڙهندڙ ٻارن کي سرڪاري نوڪرين ۾ 30 سيڪڙو ڪوٽا ڏيڻ جي خلاف گذريل ڪيترن ڏينهن کان شاگردن جو احتجاج جاري آهي ۽ ڪوٽا سسٽم مخالف شاگردن جي پوليس ۽ حڪمران پارٽي عوامي ليگ جي شاگرد ونگ سان چڪريون پڻ ٿي رهيون آهن.

بنگلاديش ۾ سرڪاري نوڪرين جو 56 سيڪڙو حصو ڪوٽا ۾ هليو ويندو آهي جنهن مان 30 سيڪڙو سرڪاري نوڪريون 1971ع جي جنگ وڙهندڙ جي ٻارن، 10 سيڪڙو عورتن ۽ 10 سيڪڙو مخصوص ضلعن جي رهواسين لاءِ مقرر آهن.

Read Previous

ملڪ ۾ سخت گرمي دوران بجلي جي ڊگهي ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب عوام پريشان

Read Next

گلوبل ٽي ٽوئنٽي ڪينيڊا لاءِ بابر، شاهين ۽ رضوان کي اجازت نه ملڻ جو امڪان

Most Popular