گلوبل ٽي ٽوئنٽي ڪينيڊا لاءِ بابر، شاهين ۽ رضوان کي اجازت نه ملڻ جو امڪان

لاهور: (اسپورٽس نيوز) ڪئناڊا جي گلوبل ٽي ٽوئنٽي لاءِ قومي رانديگرن بابر اعظم، شاهين آفريدي ۽ محمد رضوان کي اين او سي ملڻ جو امڪان نه آهي.

ذريعن موجب، پي سي بي طرفان ڪينيڊين ليگ دوران ڪا به سيريز نه هئڻ باوجود ٽنهي رانديگرن کي اين او سي نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آل فارميٽ پليئرز لاءِ پي سي بي جي پاليسي سبب ڄاڻايل رانديگرن کي اين او سي نه ڏني ويندي، پي سي بي آل فارميٽ پليئرز جي مصورف انٽرنيشنل شيڊيول سبب اين او سي ڏيڻ جي حق ۾ نه آهي.

ذريعن موجب، ويجهڙائي ۾ نسيم شاهه کي به آل فارميٽ پليئر هئڻ سبب دي هنڊريڊ ليگ لاءِ اين او سي نه ملي هئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گلوبل ٽي ٽوئنٽي ڪئناڊا کي آءِ سي سي طرفان اڃا تائين منظوري به ناهي ملي، ڪيئي معاملن سبب آءِ سي سي ليگ جي منظوري روڪي ڇڏي آهي، ليگ جي منظوري کانپوءِ رانديگرن جي اين او سي بابت باظابطا فيصلو ٿيندو.

ياد رهي ته گلوبل ٽي ٽوئنٽي ڪئناڊا ۾ محمد عامر، محمد نواز، آصف علي ۽ افتخار احمد جا به مختلف ٽيمن سان معاهدا ٿيل آهن.

Read Previous

بنگلاديش جي سپريم ڪورٽ سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم واري هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل روڪي ڇڏيو

Read Next

بنون ۾ سول سوسائٽي ۽ سياسي پارٽين جو ڌرڻو ٽئين ڏينهن به جاري، ڪاروبار زندگي بحال

Most Popular