لاهور: (خميس: 25 جولاءِ 2024ع) پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان پنهنجي گرفتاري امڪاني طور تي فوج کي ڏيڻ جي خلاف درخواست داخل ڪري ڇڏي.
عمران خان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجي وڪيل عزيز ڪرامت جي حوالي سان درخواست داخل ڪئي. درخواست ۾ وفاقي حڪومت ۽ چئني صوبن جي آءِ جيز کي ڌر بنايو ويو آهي.
پي ٽي آءِ باني درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته 9 مئي بابت ڪيس ۾ گرفتاري آرمي جي حوالي ڪري سگهجي ٿي. عدالت 9 مئي جي ڪيسز ۾ گرفتاري سويلين ڪورٽس وٽ رهڻ جو حڪم ڏئي ۽ حڪم امتناع جاري ڪري.
ياد رهي ته عمران خان گذريل ڏينهن ڏنل بيان ۾ چيو هو ته منهنجي خلاف جي ايڇ ڪيو تي احتجاج جي لاءِ ڀڙڪائڻ جو بيان ٺاهيو ويو آهي. 9 مئي هڪ فالس فليگ آپريشن هو جنهن 9 مئي جي سي سي ٽي وي فوٽيج چوري ڪئي 9 مئي جا حقيقي ذميوار اهي ئي آهن. انهن جي سمجهه جو عالم اهو آهي ته اهي 9 مئي کي آمريڪا جي ڪيپيٽل هل جي احتجاج سان تشبيهه ڏين ٿا. حالانڪه اتي باقاعده شفاف جاچ ۽ سي سي ٽي وي جي بارڪي بيني سان جائزي کان پوءِ صرف ملوث ماڻهن کي سزا ڏني وئي. سمورين سياسي پارٽين ريپبلڪن کي ڪجهه به نه چيو ويو.