50 هزار پاڪستاني زائرين جو عراق ۾ غائب ٿيڻ جو انڪشاف

اسلام آباد: (خميس: 25 جولاءِ 2024ع) سينيٽ جي قائمه ڪميٽي جي اجلاس ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته 50 هزار پاڪستاني زائرين عراق ۾ وڃڻ کان پوءِ غائب ٿي ويا آهن.

سينيٽ جي قائمه ڪميٽي براءِ مذهبي معاملن جي چيئرمين سينيٽر عطاءُالرحمان اها ڳالهه پارليامينٽ هائوس ۾ ڪوٺايل اجلاس ۾ ٻڌائي. قائمه ڪميٽي جي اجلاس ۾ مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي ڪم جي طريقيڪار ڪارڪردگي کان علاوه  حج 2024 جي لاءِ ڪيل انتظامن جو جائزو ورتو ويو.

انهي ۾ حاجي سڳورن طرفان رهائش، ٽرانسپورٽ، خوراڪ ۽ صحت جي حوالي سان ڪيل شڪايت ۽ وزارت طرفان انهي جي حل لاءِ کنيل قدمن جو تفصيل سان جائزو ورتو ويو.

مذهبي معاملن واري وزارت سينيٽ جي قائمه ڪميٽي براءِ مذهبي معاملا ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي اجلاس ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته 50 هزار پاڪستاني زائرين عراق ۾ وڃي غائب ٿي ويا آهن.

پر انهي حوالي سان وڌيڪ تفصيل نه ملي سگهيا آهن ته مذڪوره پاڪستانين جو تعلق ڪهڙن شهرن سان هو ۽ اهي ماڻهو ڪيتري وقت کان غائب آهن.

Read Previous

عمران خان جي گرفتاري امڪاني طور تي فوج کي ڏيڻ خلاف درخواست داخل

Read Next

حڪومت کي پنهنجي قدمن سان نقصان ۽ عمران خان کي فائدو پهچي رهيو آهي: شيخ رشيد

Most Popular