حڪومت کي پنهنجي قدمن سان نقصان ۽ عمران خان کي فائدو پهچي رهيو آهي: شيخ رشيد

راولپنڊي: (خميس: 25 جولاءِ 2024ع) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته سياسي صورتحال طرف وڃي رهي آهي، حڪومت جيڪو به قدم کڻي ٿي ان سان ان جو پنهنجو نقصان ٿي رهيو آهي ۽ ان جو فائدو پي ٽي آءِ باني کي پهچي رهيو آهي.

رپورٽ موجب لال حويلي ڪيس جي مذهبي معاملن واري وزارت ۾ ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ شيخ رشيد جي وڪيلن جي نظرثاني درخواست منظور ڪئي وئي. شيخ رشيد مذهبي معاملن جي سيڪريٽري آڏو پيش ٿيو. شيخ رشيد جي وڪيل دليلن ۾ چيو ته هاءِ ڪورٽ لال حويلي جي معاملي تي پنهنجا حڪم ڏئي چڪي آهي. مذهبي معاملن واري وزارت  انهي تي وڌيڪ ڪارروائي نٿي ڪري سگهي.

مذهبي معاملن واري سيڪريٽري پڇاڻو ڪيو ته هاءِ ڪورٽ جڏهن هڪ معاملو سيٽ اي سائيڊ ڪندي ته انهي جو ڪهڙو اسٽيٽس رهجي ويندو، وڪيل چيو ته حددخلين خلاف آپريشن جي چيئرمين جو فيصلو اڃان اچڻو آهي اهو معاملو  اوهان واپس وٺي ڇڏيو اوهان کي انهي تي حڪمن جو اختيار نه آهي.

مذهبي معاملن واري سيڪريٽري چيو ته جيڪڏهن مون کي اختيار نه آهي ته پوءِ اوهان هتي ڇو موجود آهيو؟ مان ڪوبه آرڊر جاري نه ڪندس، مون کي معاملو سمجهايو، مان انهي تي ڇا لکان.

جنهن کان پوءِ شيخ رشيد احمد صحافين سان ڳالهيون ڪندي  چيو ته لال حويلي منهنجي ملڪيت آهي، هاءِ ڪورٽ اسان جي حق ۾ فيصلو ڏنو آهي. مون کي نوٽيس مليو ته مان  مذهبي معاملن واري سيڪريٽري وٽ حاضر ٿي وڃان، هن چيو ته مون کي ساڍي 9 وڳي گهرايو ويو پر مذهبي معاملن وارو سيڪريٽري موجود نه آهي، لال حويلي منهنجي ڀاءُ جي نالي تي آهي ۽ منهنجي اتي رهائش آهي، سمجهه ۾ نه پيو اچي ته انهن نوٽيس ڇو ڏنو آهي.

شيخ رشيد چيو ته لال حويلي  پوڻا 3 مرلا آهي ۽ 19 گهر انهي جي پٺيان آهن، هاڻ اسان به هاءِ ڪورٽ وينداسين جڏهن ڪنهن جي عقل تي پردا پئجي وڃن ته پوءِ ڇا ٿيندو.

هن وڌيڪ چيو ته هي جيڪي به قدم کڻن ٿا انهي سان انهن کي ئي نقصان ٿيندو آهي ۽ ان جو فائدو پي ٽي آءِ باني کي ٿي رهيو آهي جڏهن ته سياسي صورتحال تباهي طرف وڃي رهي آهي.

Read Previous

50 هزار پاڪستاني زائرين جو عراق ۾ غائب ٿيڻ جو انڪشاف

Read Next

پي ٽي آءِ طرفان احتجاج جو سڏ: گهرو وزارت پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو، ڌرڻن ۽ احتجاج تي پابندي لاڳو

Most Popular