پي ٽي آءِ طرفان احتجاج جو سڏ: گهرو وزارت پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو، ڌرڻن ۽ احتجاج تي پابندي لاڳو

لاهور: (خميس: 25 جولاءِ 2024ع) پي ٽي آءِ طرفان احتجاج جي سڏ تي پنجاب حڪومت قدم کڻي ورتو، صوبي ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو.

گهرو وزارت پنجاب ۾ جلسا، جلوس، ريليون، ڌرڻن ۽ احتجاج تي پابندي لڳائي ڇڏي، صوبي ۾ 3 ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، پابندي جمعي 26 جولاءِ کان آچر 28 جولاءِ تائين هوندي، امن امان جي قيام، انساني حياتين ۽ ملڪيتن جي تحفظ لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.

پابندي جو اعلان دهشتگردي جي خطرن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو، سيڪيورٽي خطرن کي نظر ۾ رکندي عوامي اجتماع، دهشتگردن لاءِ سافٽ ٽارگيٽ ٿي سگهن ٿا، عوامي مفاد ۾ قلم 144 جو لاڳو سموري صوبي ۾ ڪيو ويو آهي.

گهرو وزارت موجب پنجاب ۾ انتظاميه حڪم نامي تي عمل يقيني بنائيندي، عوامي آگاهي لاءِ قلم 144 جي نفاذ جي وڏي پيماني تي مشهوري جي به هدايت ڪئي وئي آهي.

Read Previous

حڪومت کي پنهنجي قدمن سان نقصان ۽ عمران خان کي فائدو پهچي رهيو آهي: شيخ رشيد

Read Next

اليڪشن ڪميشن 39 قومي اسيمبلي ميمبرن کي پي ٽي آءِ جو ميمبر مڃي ورتو، نوٽيفڪيشن جاري

Most Popular