اليڪشن ڪميشن 39 قومي اسيمبلي ميمبرن کي پي ٽي آءِ جو ميمبر مڃي ورتو، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد: (خميس: 25 جولاءِ 2024ع) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان 39 قومي اسيمبلي ميمبرن کي پي ٽي آءِ جو ميمبر مڃيندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي اليڪشن ڪميشن عمل شروع ڪري ڇڏيو ۽ نامزدگي ڪاغذن ۾ پي ٽي آءِ سان جڙيل هجڻ جو سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائيندڙ 39 ايم اين ايز جو نوٽيفڪيشن ويب سائيٽ تي جاري ڪري ڇڏيو.

اليڪشن ڪميشن موجب سپريم ڪورٽ جي 12 جولاءِ جي فيصلي تحت پي ٽي آءِ جي 39 ميمبرن  جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ پي ٽي جي 39 ميمبرن جو نوٽِفڪيشن ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪرڻ جو فيصلو ٿيو هو.

نوٽيفڪيشن ۾ محبوب شاهه، جنيد اڪبر، علي خان جدون، اسد قيصر، شهرام خان، مجاهد علي، انور تاج، فضل محمود خان، ارباب امير ايوب کي پي ٽي آءِ جو ڪامياب اميدوار قرار ڏنو ويو آهي.

شاندانه گلزار، شير علي ارباب، آصف خان، سيد شاهه احد علي شاهه، شاهد خان، نسيم علي شاهه، شير افضل مروت، اسامه احمد، شفقت عباس، علي افضل ساهي، راءِ حيدر علي خان ۽ نثار احمد کي به پي ٽي آءِ جو ڪامياب اميدوار قرار ڏنو ويو آهي.

اليڪشن ڪمينس طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب رانا عاطف، چنگيز احمد خان، محمد علي سرفراز، خرم شهزاد ورڪ، لطيف کوسه، راءِ حسن نواز خان، عامر ڊوگر، زين قريشي، رانا محمد فراز نون، ممتاز مصطفيٰ، شبير علي قريشي، عنبر مجيد، اويس حيدر ۽ زرتاج گل به پي ٽي آءِ جا ڪامياب اميدوار قرار ڏنا ويا آهن.

ياد رهي ته 12 جولاءِ تي سپريم ڪورٽ سني اتحاد ڪونسل جي مخصوص سيٽن بابت درخواست تي  محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي مخصوص سيٽون تحريڪ انصاف کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو.

Read Previous

پي ٽي آءِ طرفان احتجاج جو سڏ: گهرو وزارت پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو، ڌرڻن ۽ احتجاج تي پابندي لاڳو

Read Next

جماعت اسلامي ڌرڻي کي حڪومت هٽايو تحريڪ ۾ تبديل ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

Most Popular