بنگلاديش ۾ شاگردن جي سول نافرماني تحريڪ: پهرين ڏينهن مظاهرن ۾ 23 ڄڻا مارجي ويا

بنگلاديش ۾ شاگردن سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي، ان دوران اڄ ٿيندڙ مظاهرن ۾ هينئر تائين 23 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، شاگرد وزيراعظم شيخ حسينه واجد کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.

بنگلاديش ۾ شاگرد پنهنجا مطالبا منظور نه ٿيڻ سبب هڪ دفعو ٻيهر روڊن تي اچي ويا آهن ۽ هن ڀيري شاگردن وزيراعظم شيخ حسينه واجد کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي ملڪ ۾ سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي آهي. هزارن جي انگ ۾ شاگرد روڊن تي موجود آهن ۽ حڪومت جي خلاف احتجاج جو سلسلو جاري آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي رائٽرز موجب اڄ ٿيندڙ مظاهرن ۾ پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪرين جي دوران هينئر تائين گهٽ ۾ گهٽ 23 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي  ٿي چڪا آهن.

بنگلاديش جي ميڊيا موجب  حڪومت شام 6 وڳي کان پوءِ ڪرفيو لڳائڻ جا به حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته احتجاجي مظاهرن کي نظر ۾ رکندي انٽرنيٽ سروس به بند ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته بنگلاديش ۾ 1971ع جي جنگ وڙهندڙن جي ٻارن کي سرڪاري نوڪرين ۾ 30 سيڪڙو ڪوٽا ڏيڻ جي خلاف گذريل مهيني ڪيترن ڏينهن تائين احتجاج جاري هئا. جنهن ۾ 200 ڄڻا فوت ٿيا جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ ڪوٽا سسٽم کي ختم ڪري ڇڏيو هو. پر شاگرد پنهنجي ساٿين کي انصاف ملڻ تائين احتجاج جاري رکڻ ۽ سول نافرماني جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي

Read Previous

جسم چيئرمين رياض چانڊيو جي صدارت هيٺ اهم اجلاس، سنڌ جي سياسي، معاشي، برساتي ۽ زمينن تي قبضي واري صورتحال جو جائزو

Read Next

جنهن جي سوچ بلوچستان کي ڪمزور ڪرڻ هجي انهي کي آزاد نٿا ڇڏي سگهون: سرفراز بگٽي

Most Popular