جنهن جي سوچ بلوچستان کي ڪمزور ڪرڻ هجي انهي کي آزاد نٿا ڇڏي سگهون: سرفراز بگٽي

بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته جنهن جي سوچ بلوچستان کي ڪمزور ڪرڻ هجي انهي کي اسان آزاد نٿا ڇڏي سگهون.

يوم شهداءِ جي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته اڄ جي تقريب جو خاص مهمان مان نه پر شهيدن جا گهر ڀاتي آهن. شهيد  اسان کي سال جي هر ڏينهن ياد رهندا آهن.

هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ تمام گهڻيون سازشون ڪيون ويون پر دهشتگردي جي فالٽ لائز جو قوم ڀرپور دفاع ڪيو. بلوچستان ۾ ماضي ۾ دهشتگردي جو بازار گرم ڪيو ويو ۽ اسان پنهنجي شهيدن جي رت جو بدلو ورتو آهي.

سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان ۾ مذهب ۽ قوم پرستي جي ذريعي دهشتگردي پکيڙي وئي، دهشتگردي جي ٿريٽ جي لاءِ اسان جي پوليس ۽ ليويز ڪافي آهي، بندوق کڻندڙن جو آمهون سامهون مقابلو ڪيو ويندو.

هن چيو ته پرامن احتجاج جي نالي تي عام شهرين کي اغوا ڪيو ويو، عورتن کي ڍال بنائي بلوچستان جي روايتن کي پامال ڪيو ويو پر اهو جهيڙو صرف پوليس جو نه پر اسان سڀني جو آهي، قوم پرستي جي نالي تي عوام جي سوچ ۾ اهڙي طرح جون شيون وڌيون ويون.

بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته اسان جا شهيد خوشقسمت آهن جنهن جو رت هن ملڪ جي لاءِ ڪريو، شهيدن جي وارثن جي لاءِ حڪومت هر قدم کڻندي، هن ملڪ مان دهشتگردي جو خامتو ڪنداسين ۽ پاڪستان هميشه قائم رهندو.

Read Previous

بنگلاديش ۾ شاگردن جي سول نافرماني تحريڪ: پهرين ڏينهن مظاهرن ۾ 23 ڄڻا مارجي ويا

Read Next

ايراني پاسداران انقلاب اسماعيل هنيه جي شهادت جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا 

Most Popular