ٽرمپ ڪملا هيرس سان مباحثي کان لنوائڻ لڳو

واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريبپلڪن صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ ڊيموڪريٽ مخالف ۽ آمريڪا جي نائب صدر ڪاملا هيرس سان آمريڪي ٽي وي چئنل تي مباحثي کان لنوائڻ لڳو. اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ لکيو ته ڪاملا هيرس جي جو بائيڊن جي جاءِ والارڻ سان مباحثو ختم ٿي ويو .

ڊونلڊ ٽرمپ ۽ جو بائيڊن وچ ۾ سپٽيمبر ۾ آمريڪي نيوز چئنل ( اي بي سي نيوز ) تي مباحثو ٿيڻو هو ۽ ان کي رد ڪرائڻ لاءِ ڊونلڊ ٽرمپ چئنل خلاف ساک کي ڇيهو رسائڻ جو ڪيس کي به جواز بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اِهو ڪيس مارچ ۾ داخل ڪيو ويو هو جڏهن ته جو بائيڊن ٽرمپ مباحثو مئي ۾ طئي ڪيو ويو هو. پراڻي طئي ٿيل مباحثو ختم ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چار سپٽيمبر تي پنهنجي پسند جي چئنل ( فوڪس نيوز ) تي ڪاملا هيرس سان مباحثي جي دعوت قبول ڪئي هئي.

پر هاڻ ٽرمپ طرفان طئي ٿيل مباحثي کان انڪار تي ڪاملا هيرس جي چونڊ مهم جي ڪميونيڪيشن ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته ٽرمپ ڊنل آهي ۽ طئي ٿيل مباحثي کان ڀڄي رهيو آهي جنهن تي هن پاڻ ئي راضپو ظاهر ڪيو هو.

نومبر ۾ رٿيل آمريڪي چونڊن لاءِ جو بائيڊن ۽ ٽرمپ وچ ۾ پهريون مباحثو جون ۾ ٿيو هو جنهن ۾ صدر بائيڊن جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ رهي هئي جنهن کانپوءِ هن چونڊن تان هٿ کڻڻ جو فيصل ڪيو ۽ ڪاملا هيرس کي ڊيموڪريٽ صدارتي اميدوار لاءِ نامزد ڪيو ويو هو. ياد رهي ته آمريڪي صدارتي چونڊن دوران اميدوارن جي وچ ۾ مباحثو ڪيئي ورهن کان ئي هڪ روايت رهي آهي، آمريڪي صدارتي چونڊن دوران سڀ کان پهريون مباحثو ( ڊيبيٽ ) سال 1960 ۾ رچرڊ نڪسن ۽ جان ايف ڪينيڊي وچ ۾ ٿيو هو.

Read Previous

ايراني پاسداران انقلاب اسماعيل هنيه جي شهادت جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا 

Read Next

ميرپورخاص ۾ڪيبل جو پورهيت نوجوان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت

Most Popular