حيدرآباد برساتي پاڻيءَ ۾ ٻڏل، ڇت ڪرڻ سبب 2 ڄڻا زخمي، 40 فيڊر ٽرپ

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد شهر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 31 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته برسات سبب شهر جا هيٺانهين وارا علائقا پاڻي جي لپيٽ اچي ويا، جنهن سبب ڪچين آبادين ۽ هيٺانهين وارن علائقن جا رهواسي سخت مشڪلاتن جو شڪار آهن.برسات دوران لطيف آباد ۾ ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

بجلي جو نظام ڊانوانڊول بڻجي وڃڻ جي ڪري شهري انتظاميا پاڻي جي نيڪال ۾ پريشانين جو شڪار رهي.موسميات کاتي مطابق ڇنڇر جي رات 10 بجي کان آچر جي ڏينهن شام تائين شهري علائقن ۾ 31 ملي ميٽر ۽ ايئرپورٽ واري علائقي ۾ 18.2 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. برسات سبب قاسم آباد، لطيف آباد ۽ شهري تعلقي جا ڪيترائي هيٺانهين وارا علائقا پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا جن ۾ وحدت ڪالوني، ماروي ٽائون، ڀٽائي ٽائون، ڀٽائي نگر، ڏومرا ڳوٺ، پاڪ لينڊ، علمدار چوڪ، واڌو واهه جي ٻنهي پاسن واريون وسنديون،

حسين آباد، لطيف آباد نمبر 6، لطيف آباد نمبر 5، لطيف آباد نمبر 8، 9، 10، 11، مڪراڻي پاڙو، اسٽيشن روڊ، حالي روڊ، بدين چالي، بدين بس اسٽاپ، فتح چوڪ، آٽو ڀان روڊ، گڊس ناڪه، ٽيون نمبر تلاءُ، پڃرا پور، ٽنڊو طيب، ڦليلي، ٽنڊو ٺوڙهو، پريٽ آباد، ڳوٺ لالو لاشاري، اسلاميه ڪالوني، حر ڪئمپ ۽ هالاناڪي وارا علائقا شامل آهن. انهن علائقن ۾ پاڻي جي نيڪال جو جوڳو بندوبست نه هئڻ جي ڪري شهري سخت عذاب جو شڪار بڻيل آهن. شهر ۾ بجلي جا اڪثر فيڊر بند رهيا

جنهن جي ڪري پاڻي نيڪال ڪرڻ وارين پمپنگ اسٽيشنن کي متبادل طور جنريٽرن تي هلايو ويو. جنريٽرن تي پمپنگ اسٽيشنون هلڻ سبب گهربل مقدار ۾ پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو جنهن جي ڪري شهري انتظاميا پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ سخت پريشانين جو شڪار رهي. سيڊا آفيس سامهون ايريگيشن ڪالوني، حسين آباد انڊر پاس، لطيف آباد نمبر 7 جي ريلوي پل، آٽو ڀان روڊ، آٽو ڀان روڊ کان لطيف آباد نمبر 8 ڏانهن ويندڙ رستا، بدين چالي، حالي روڊ، فتح چوڪ ۽ پراڻي سبزي منڊي وارن علائقن جي رستن تي پاڻي بيهڻ سبب ٽريفڪ اچ وڃ به سخت متاثر ٿي. پاڻي بيهڻ سبب رستن ۾ کڏا پئجي ويا جنهن جي ڪري ٽريفڪ جام ٿيڻ معمول بڻجي وئي.

ٻئي طرف حيسڪو انتظاميا جو چوڻ آهي ته برسات سبب ريجن جي 624 فيڊرن مان 149 فيڊر گذريل ڏينهن رات تائين ٽرپ رهيا جن ۾ حيدرآباد سرڪل جا 40، لاڙ سرڪل جا 30، ميرپورخاص سرڪل جا 19 ۽ نوابشاهه سرڪل جا 60 فيڊر شامل آهن. حيسڪو ترجمان مطابق ريجن ۾ شديد برساتن جي ڪري مختلف شهرن ۽ علائقن جا فيڊر ٽرپ ٿيا جن جي بحالي جو ڪم هلندڙ هو. ٻئي طرف ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ پاران چئني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن کي هدايتون ڏنيون ويون آهن ته هو پاڻي جي نيڪال واري نظام جي پاڻ نگراني ڪن جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر ميئر حيدرآباد ڪاشف علي شوري سان گڏجي مختلف پمپنگ اسٽيشنن جو دورو پڻ ڪيو.

Read Previous

ميرپورخاص ۾ڪيبل جو پورهيت نوجوان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت

Read Next

بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينه واجد استعيفيٰ ڏئي ڇڏي: ڀارتي ميڊيا

Most Popular