سيڪريٽري سي اينڊ ڊبليو ٺيڪن ۾ 20 ڪروڙ روپيه وڏي وزير کي ڏيڻ جو ٻڌايو: شڪيل خان

خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي صوبائي وزير شڪيل خان جو گڊ گورننس ڪميٽي کي جمع ڪرايل لکت ۾ بيان سامهون اچي ويو آهي.

شڪيل خان چيو ته ترقياتي ڪمن لاءِ سيڪريٽري سي اينڊ ڊبليو 6 ارب 87 ڪروڙ روپيه جاري ڪيا، 10 کان 20 سيڪڙو ڪميشن پڇڻ تي سيڪريٽري چيو ته وڏو وزير پاڻ ان جي نگراني ڪري رهيو آهي.

اڳوڻي وزير چيو ته بدعنواني ۽ بدانتظامي بابت پارٽي جي سينئر قيادت کي آگاهه ڪيو، سيڪريٽري ٺيڪن جي مد ۾ 20 ڪروڙ روپيه وڏي وزير کي ڏيڻ جو ٻڌايو ۽ 31 جولاءِ تي باني پي ٽي آءِ سان ملاقات ۾ سموريون حقيقتون سامهون رکيون.

ٻئي طرف ڪي پي ڪي جي اطلاعات بابت ترجمان بيرسٽر سيف چيو آهي ته گڊ گورننس ڪميٽي شڪيل خان جي لکت واري جواب جو جائزو ورتو آهي، ڪميٽي شاهدين ۽ ثبوت جي آڌار تي وڏي وزير کي سفارشون اماڻيون هيون.

Read Previous

هڪ طاقتور اداري گهر کان احتساب جو عمل شروع ڪيو، ٻيا به ائين ڪن:طلال چوڌري

Read Next

سنڌ ۾ برسات سبب نقصان: بلاول ڀٽو وڏي وزير کان رپورٽ طلب ڪري ورتي

Most Popular