سنڌ ۾ برسات سبب نقصان: بلاول ڀٽو وڏي وزير کان رپورٽ طلب ڪري ورتي

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان صوبي ۾ برسات سبب ٿيندڙ نقصانن تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

رپورٽ موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي برساتن سبب متاثر علائقن ۾ فوري طور تي امدادي سرگرميون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي صوبي ۾ برسات سبب ٿيندڙ نقصانن جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن هڪ دفعو ٻيهر موسمياتي تبديلي جو شڪار ٿيون آهن، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي هيٺاهين وارن علائقن مان فوري طور تي پاڻي جي نيڪال کي يقيني بنايو وڃي.

پ پ چيئرمين چيو ته خيرپور ضلعي ۾ ڊيم جي بند ۾ گهاري جي معاملي تي فوري جاچ ڪرائي وڃي، يقيني بنايو وڃي ته ڊيم جي بند ۾ گهاري کان پوءِ نقصان  گهٽ کان گهٽ ٿئي ۽ متاثرين تائين فوري طور تي امداد پهچي.

بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم اي برسات متاثرين جي امداد جي حوالي سان پنهنجون ذميواريون نڀائي. جڏهن ته سکر، لاڙڪاڻو ۽ خيرپور سميت سڄي صوبي ۾ ٿيندڙ نقصانن ۽ امدادي سرگرمين تي تفصيلي رپورٽ ڏني وڃي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي برسات متاثرين کي اڪيلو نه ڇڏيندي.

Read Previous

سيڪريٽري سي اينڊ ڊبليو ٺيڪن ۾ 20 ڪروڙ روپيه وڏي وزير کي ڏيڻ جو ٻڌايو: شڪيل خان

Read Next

ڪامران ٽيسري پنجاب جيان بجلي سستي ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي خط لکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular