ڪراچي جي واپارين 28 آگسٽ تي سڄي ملڪ ۾ شٽربند هڙتال جي حمايت ڪري ڇڏي

مهانگائي ۽ ٽيڪس پاليسين جي خلاف ڪراچي جي واپاري تنظيمن به 28 آگسٽ تي سڄي ملڪ ۾ شٽربند هڙتال جي حمايت ڪري ڇڏي آهي.

ڪراچي ۾ واپاري تنظيمن گڏيل مشاورتي اجلاس کان پوءِ  پريس ڪانفرنس ڪندي صدر ڪيڊا رضوان عرفان چيو ته 28 آگسٽ تي سموريون ننڍين وڏيون مارڪيٽون بند ڪيون وينديون، شهر جا واپاري 60 هزار  روپيه ماهوار جبري ٽيڪس نٿا ڏئي سگهن، واپارين کان انهن جي آمدني موجب ٽيڪس وصول ڪيو وڃي.

واپاري اڳواڻ شرجيل گوپلاڻي چيو ته ايف بي آر نوٽيس بند نه ڪيا ته ايندڙ هفتي کان بينڪن مان ڊيپازٽس ڪڍرائي وٺنداسين، حڪومت جي غلط پاليسين سبب 467 پاڪستاني ڪمپنين دبئي چيمبر ۾ رجسٽريشن ڪرائي ورتي آهي. مشاورتي اجلاس ۾ 28 آگسٽ جي شٽربند هڙتال جي حمايت ڪندي ماهوار انڪم ٽيڪس 5 هزار روپين کان وڌيڪ نه هجڻ گهرجي.  

چيئرمين آل ڪراچي واپاري اتحاد عتيق مير چيو ته مسئلن جي حل لاءِ هڪ ڇتري جي هيٺيان اچڻ گهرجي، واپاري دوست اسڪيم هڪ طرفي ۽ جبري لاڳو ڪئي پئي وڃي، 28 آگسٽ جي هڙتال واپارين جي جدوجهد جو ڏينهن هوندو. اختلاف وساري شٽربند هڙتال کي ڪامياب بنايو ويندو.

ياد رهي ته  واپاري برادرين جي مرڪزي تنظيم واپاري دوست اسڪيم، آءِ پي پيز معاهد، بجلي جي قيمتن ۾ رڪارڊ اضافو ۽ ٽيڪس پاليسين جي خلاف 28 آگسٽ تي سڄي ملڪ ۾ شٽربند هڙتال جو اعلان ڪيو آهي.

Read Previous

رئوف حسن جي ڀارتي رابطن سان پي ٽي آءِ جو ملڪ دشمن ايجنڊا بي نقاب ٿي ويو: عطاءُالله تارڙ

Read Next

سنڌ جي وڏي وزير دادو ۾ غربت سبب ننڍي عمر جي ٻارڙين جي شادي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

Most Popular