وزيراعظم 50 لک ڏيڻ جو اعلان ڪيو، انعام جا پئسا اڃان تائين نه مليا آهن: ايٿليٽ محمد ياسر

پاڪستان ۾ ارشد نديم کان پوءِ بهترين جيولين ٿرو محمد ياسر سلطان چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف مون کي 50 لک روپيه ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو پر انعام جي رقم اڃان تائين نه ملي سگهي آهي.

لاهور ۾ پنهنجي والد سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته مان ايشيا جو برائز ۽ سلور ميڊلسٽ آهيان، 2023 ۾ ايشين برائز ميڊل کٽڻ تي وزيراعظم مون کي انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو جيڪو اڃان تائين نه ملي سگهيو آهي.

ياسر سلطان چيو ته منهنجو والد روزاني مون کان پڇندو آهي، مان فون ڪندو آهيان  پر ڪوبه جواب نٿو ملي، مان چڪر لڳائي لڳائي ٿڪجي پيو آهيان، جيئن ارشد نديم کي گهر وڃي انعام ڏنو ويو ائين ئي مون کي به انعام ملڻ گهرجي.

پاڪستاني ايٿليٽ چيو ته اسان سان هڪ جهڙو ورتاءُ نٿو ڪيو وڃي، مون کي ٻاهر وڃي  کيڏڻ جي آڇ ڪئي وئي، دبئي ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن کان آفرز آهن، ٽريننگ جي لاءِ مون کي ٻاهر وڃڻ جو موقعو نه ڏنو ويو، اسان کي عزت ڏني وڃي اسان گهر هلائڻ جا پئسا نٿا گهرون.

هن مطالبو ڪيو ته وزيراعظم جيڪو انعام جو اعلان ڪيو اهو ڏنو وڃي، سهولتون ڏنيون وڃن، اڄ اسان جي لاءِ ٻيڻي خوشين جو ڏينهن آهي، ارشد نديم ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي. منهنجو مقصد به ساڳيو آهي مان ارشد نديم جو جونيئر آهيان، انهي موقعي تي ياسر سلطان جي والد چيو ته سال کان وڌيڪ ٿي ويو، هينئر تائين هڪ روپيو به حوصله افزائي جي لاءِ نه ڏنو ويو آهي. نوڪري جو به چيو ويو هو پر نه چيڪ مليو، نه نوڪري. هي وڏا ماڻهو آهن ۽ انهن جون ڳالهيون به وڏيون آهن.

Read Previous

پاڪستان بنگلاديش ٽيسٽ سيريز لاءِ ڪامينٽري پئنل جو اعلان

Read Next

پاڪستان جي دوري کان اڳ انگلينڊ جو سيڪيورٽي وفد نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي پهچي ويو

Most Popular