
پاڪستان جي دوري کان اڳ انگلينڊ جي سيڪيورٽي وفد نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي جو دورو ڪيو ۽ انتظامن جو جائزو ورتو.
انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ پاڪستان جو دورو ڪندي، مهمان ٽيم جي دوري کان اڳ انگلينڊ جو سيڪيورٽي وفد انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڪستان پهچي چڪو آهي.
سيڪيورٽي وفد نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ جاري ترقياتي ڪم جو به جائزو ورتو، ان موقعي تي پي سي بي عملدارن سيڪيورٽي وفد کي بريفنگ ڏني.
ياد رهي ته انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم آڪٽوبر ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏڻ لاءِ پاڪستان ايندي.