بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم حسينه واجد ۽ ان جي حڪومتي عهديدارن تي قتل جو ڪيس داخل

 اڳوڻي بنگلاديشي وزيراعظم شيخ حسينه واجد ۽ ان جي دور جي اهم حڪومتي عهديدارن تي شهري جي قتل جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

بنگلاديشي ميڊيا موجب شيخ حسينه واجد ۽ ٻين 6 ڄڻن کي 19 جولاءِ تي ڍاڪا ۾ ٿيندڙ مظاهرن دوران پوليس جي فائرنگ سبب شهري جي مارجي وڃڻ جي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.

رپورٽن موجب شيخ حسينه ۽ ٻين جي خلاف ڪيس ڍاڪا جي رهائشي ۽ مقتول جي ويجهي دوست امير حمزه داخل ڪرايو. ڪيس جي متن ۾ لکيو ويو آهي ته شاگردن جي مظاهرن دوران پوليس فائرنگ ڪئي جنهن دوران هڪ گولي روڊ تان گذرندڙ شهري ابو سعيد کي لڳي جنهن سبب هو فوت ٿي ويو.

بنگلاديشي ميڊيا موجب ڪيس ۾ حسينه واجد کان علاوه عوامي ليگ جي جنرل سيڪريٽري، اڳوڻي گهرو وزير، اڳوڻي پوليس سربراهه، جاچ اداري جي اڳوڻي سربراهه سميت نامعلوم پوليس اهلڪارن کي نامزد ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته شاگردن جي احتجاج ۽ 300 کان وڌيڪ ماڻهن جي مارجي وڃڻ کان پوءِ ڪجهه ڏينهن اڳ بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد سخت دٻاءُ کي نظر ۾ رکندي استعيفيٰ ڏئي ملڪ مان فرار ٿي ڀارت هلي وئي هئي.

Read Previous

پاڪستان جي دوري کان اڳ انگلينڊ جو سيڪيورٽي وفد نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي پهچي ويو

Read Next

حڪومت سان سڌي ريت ڳالهين جو ڪو ارادو ناهي: بئريسٽر گوهر

Most Popular