دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف پي ٽي آءِ باني عمران خان کي ڳالهين جي آڇ ڪئي، پر سندس ڪنهن به اڳواڻ طرفان ڪوبه جواب نه ڏنو ويو.
سماجي رابطن جي ويب سائٽ ايڪس تي جاري ڪيل ٽوئٽ ۾ هن لکيو ته شهباز شريف بحيثيت مخالف ڌر جي اڳواڻ طور قومي اسيمبلي ويو، ڪيترائي ڀيرا اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي ڳالهين جي آڇ ڪئي وئي پر هن يا سندس ڪنهن به اڳواڻ جواب نه ڏنو.
خواجه آصف لکيو ته پي ٽي آءِ باني ڏاڍائي سان اپوزيشن طرف پٺيرو بيٺل آهي، انهن ڏينهن ۾ عمران خان جو انهي وقت جي آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ سربراهه سان عشق جوان هو.
ليگي اڳواڻ ٻڌايو ته وزيراعظم بنجڻ کان پوءِ به شهباز شريف قومي اسيمبلي جي فلور تي ميثاق معيشت جي دعوت ڏني، وزيراعظم پاڻ هلي انهن جي سيٽن تي ويو، مخالف ڌر جي اڳواڻ سميت پي ٽي آءِ جي فرنٽ سيٽن تي ويٺل سموري قيادت سان هٿ ملايا.
هن وڌيڪ چيو ته جمعيت علماءِ اسلام فضل الرحمان(جي يو آءِ(ف) جي قيادت ۽ محمود خان اچڪزئي سان حال احوال ڪيو. ڇا ڪو مثبت جواب مليو؟ پر اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جي خواهش تي زور ڀريو ويو.