ادارا جيستائين پنهنجي ناڪامي کي نه مڃيندا، انهي وقت تائين بهتري نٿي اچي سگهي: حافظ نعيم الرحمان

جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ادارا جيستائين پنهنجي ناڪامي کي نه مڃيندا ان وقت تائين بهتري نٿي اچي سگهي.

حافظ نعيم الرحمان جماعت اسلامي جي ملڪ گير ميمبر سازي مهم جي شروعات جي موقعي تي منصوره لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪ ۾ جيڪي حالتون آهن اهي پارليامينٽ، اسٽيبلشمينٽ، عدليه ۽ ملٽري جي ناڪامي آهي، ادارا جيستائين پنهنجي ناڪامي کي نه مڃيندا انهي وقت تائين بهتري نٿي اچي سگهي.

حافظ نعيم الرحمان وڌيڪ چيو ته آءِ پي پيز جو ٽيڪس معاف ڪيل آهي، غريب ماڻهو ٽيڪس ڏيندو آهي، جيڪو آءِ ايم ايف جي غلامي ۾ ويو اهو ڪڏهن به مضبوط نه ٿي سگهندو. آءِ پي پيز کي انڪم ٽيڪس ۾ 13 سئو ارب جي ڇوٽ ڏني وئي آهي، جماعت اسلامي فرشتو نه آهي، غلطيون ۽ ڪوتاهيون ڪري سگهي ٿي پر اسان سڀني کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي.

هن چيو ته  هلندڙ مهيني 50 لک ماڻهن کي جماعت اسلامي جو ميمبر بنائينداسين،  جماعت اسلامي اها پارٽي آهي جيڪا سمورن ماڻهن کي گڏ کڻي هلي سگهي ٿي، پاڪستان انشاءِالله قائم رهندو ۽ جماعت اسلامي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي،  هن چيو ته ميڊيا مالڪن کان مطالبو ڪريون ٿا ته اهي پنهنجي ڪارڪنن کي جيڪي هر قسم جي حالتن ۾ ڪم ڪندا آهن انهن کي پنهنجا حق ڏنا وڃن.

Read Previous

رائٽ سائزنگ ڪميٽي جون سفارشون: هزارين سرڪاري ملازمن جي متاثر ٿيڻ جو امڪان

Read Next

اعظم خان ۽ فخر زمان کي سي پي ايل لاءِ اين او سي جاري ڪري ڇڏي

Most Popular