اعظم خان ۽ فخر زمان کي سي پي ايل لاءِ اين او سي جاري ڪري ڇڏي

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) وڪيٽ ڪيپر بيٽر اعظم خان ۽ اوپنر فخر زمان کي ڪيربيئن پريميئر ليگ (سي پي ايل) ۾ شرڪت لاءِ اين او سي جاري ڪري ڇڏي.

ذريعن موجب، پي سي بي طرفان اعظم خان ۽ فخر زمان کي سي پي ايل کيڏڻ جي اجازت ڏني وئي هئي آهي.

اعظم خان گيانا ايمازون واريئرز جي نمائندگي ڪندو جڏهن ته فخر زمان اينٽيگا اينڊ باربوڊا فيلڪنز لاءِ ميدان تي لهندو.

فاسٽ بالر محمد عامر ۽ آل رائونڊر عماد وسيم کي به سي پي ايل ۾ شرڪت لاءِ اين او سي جاري ڪئي وئي آهي، ٻئي رانديگر اينٽيگا باربوڊا فيلڪنز جو حصو آهن.

ٻئي پاسي نوجوان اوپننگ بيٽر صائم ايوب کي سي پي ايل لاءِ اين او سي ناهي ڏني وئي، هو هن وقت پاڪستان جي ٽيسٽ اسڪواڊ جو حصو آهي.

Read Previous

ادارا جيستائين پنهنجي ناڪامي کي نه مڃيندا، انهي وقت تائين بهتري نٿي اچي سگهي: حافظ نعيم الرحمان

Read Next

راولپنڊي ٽيسٽ: ٻئي اننگز ۾ پاڪستاني بيٽنگ هڪ دفعو ٻيهر ناڪام، 140 رنسن تي 8 رانديگر آئوٽ

Most Popular