گهوٽڪي ۾ مڙس هٿان زال وحشياڻو تشدد ڪري قتل، لاش ڳجهي نموني رحيم يار خان منتقل

گهوٽڪي (رپورٽ؛ جلال بوزدار ) ميرپورماٿيلو ۾ خانگي فيڪٽري جي رهواسي ڪوارٽر نمبر G189 ۾ مڙس هٿان زال قتل، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو

آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، تفصيل موجب ميرپور ماٿيلو ۾ ايف ايف سي ڀاڻ فيڪٽري جي رهائشي ڪالوني جي ڪوارٽر نمبر G189 ۾ سيڪيورٽي اهلڪار ڪاشف وڙائچ پنهنجي زال مصباح سليم عمر 42 سال مٿان وحشياڻو تشدد ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته عورت جي قتل کانپوءِ عورت جو لاش خفيه طريقي سان رحيم يار خان نيو ويو

ته اطلاع تي ميرپور ماٿيلو پوليس گاڏي کي روڪي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپور ماٿيلو منتقل ڪيو جتي عورت جو لاش ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، اسپتال جي اهم ذريعن موجب ته مقتول عورت تي تشدد جي نشانن سان گڏ سگريٽن جي ڏنڀ جا نشان پڻ آهن هوڏانهن ميرپور ماٿيلو پوليس ٿاڻي تي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو،

ٻي پاسي مليل ڄاڻ موجب ته ايف ايف سي انتظاميه پاران مقتولا عورت جو خون لوڙھڻ لاء سرگرم عمل آهي ۽ ميرپور ماٿيلو پوليس ۽ ايف ايف سي انتظاميه ۾ ڊيل هلندڙ آهي، جڏهن ته ميرپور ماٿيلو پوليس پاران ڪافي حد تائين معاملا طئي ٿي ويا آهن،

Read Previous

راولپنڊي ٽيسٽ: ٻئي اننگز ۾ پاڪستاني بيٽنگ هڪ دفعو ٻيهر ناڪام، 140 رنسن تي 8 رانديگر آئوٽ

Read Next

ميرپور ساڪرو ۾ انتظاميا جي نااهلي، رستا پاڻي هيٺ، 2 ڳوهاريون عورتون اسپتال پهچڻ کان اڳ فوت

Most Popular