نيب ترميمون بحال ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ ۾ شامل جج جسٽس اطهر من الله وفاقي سرڪار جي انٽرا ڪورٽ اپيل رد ڪري ڇڏي پر اڪثريتي فيصلي سان اتفاق ڪيو، جسٽس اطهر من الله جو اضافي نوٽ به سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ شامل آهي.
جسٽس اطهر من الله اضافي نوٽ ۾ چيو آهي ته چيف جسٽس جي فيصلي سان اتفاق ڪيان ٿو، حڪومتي اپيلون پريڪٽس پروسيجر قانون تحت ٻڌڻ جوڳيون نه آهن، حڪومتي اپيلون رد ڪيون وڃن ٿيون.
اضافي نوٽ ۾ هن چيو ته نيب ترميمن خلاف فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي متاثر ڌرين جون انٽرا ڪورٽ اپيلون منظور ڪيون وڃن ٿيون، ججز ۽ آرمي فورسز جي ميمبرز کي نيب قانون کان استثنيٰ حاصل نه آهي، جسٽس حسن اظهر رضوي به اضافي نوٽ لکيو.
جسٽس حسن اظهر رضوي اضافي نوٽ ۾ اڪثريتي فيصلي سان اتفاق ڪيو پر سببن سان اختلاف ڪيو، گذريل سال 15 سيپٽمبر تي سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ نيب قانون ۾ ترميم واريون ڪيتريون ئي شقون ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيون هيون.
17 آڪٽوبر تي وفاقي سرڪار 3 رڪني بينچ جي فيصلي کي چئلينج ڪيو هو، وفاقي سرڪار جي اپيل تي ٻڌڻي دوران 14 مئي تي عدالت پي ٽي آءِ باني کي به وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيڻ جي اجازت ڏني هئي.