ڪارساز سانحو، فوتي پيءُ ۽ ڌيءَ جي وارثن جوابدارن کي معاف ڪري ڇڏيو

ڪراچي ۾ ڪارساز روڊ تي حادثي دوران فوت ٿيل پيءُ ۽ ڌيءَ جي وارثن گاڏيءَ جي ڊرائيور عورت نتاشا کي معاف ڪري ڇڏيو.

 فوتين جي وارثن پاران حلف نامو جمع ڪرائڻ بعد ڪراچي جي عدالت حادثي ڪيس ۾ گرفتار نتاشا ۽ سندس مڙس دانش جي ضمانت منظور ڪري ورتي،

فوتي عمران عارف ۽ سندس ڌيءَ آمنه جي وارثن حلف نامي ۾ چيو آهي ته اسان جوابدارعورت نتاشه کي الله جي نالي تي معاف ڪري ڇڏيو آهي.

19 آگسٽ تي نتاشا جي تيز رفتار گاڏيءَ موٽر سائيڪل سوار عارف ۽ سندس ڌيءَ آمنه کي ٽڪر هنيو هو.

حادثي جي نتيجي ۾ پيءُ ۽ ڌيءَ فوت ٿي ويا هئا، واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيج به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيا هئا.

Read Previous

سنڌ هاءِ ڪورٽ گاڏين جي خريداري جي نوٽيفڪيشن تي سنڌ حڪومت کي ايندڙ ٻڌڻي تائين عملدرآمد کان روڪي ڇڏيو

Read Next

لاهور هاءِ ڪورٽ نادرا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد منير کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم

Most Popular