
ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ وڌيڪ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، سموري ملڪ ۾ في تولو سون 1400 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 63 هزار 500 رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون 1200 رپيا واڌ بعد 2 لک 25 هزار 908 رپين ۾ ورڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 15 ڊالر چاڙهه کانپوءِ 2 هزار 518 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.