توشه خانه ريفرنس ۾ ضمانت جي درخواست جي ٻڌڻي دوران عمران خان نيب جي جاچ آفيسر محسن هارون کي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.
راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ نئين توشه خانه ريفرنس جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي دوران عمران خان پنهنجي سيٽ تان اٿي جاچ آفيسر وٽ پهتو.
هن نيب جي جاچ آفيسر محسن هارون کي چيو ته توهان جيڪي ڪيس ٺاهيا آهن، انهن جي ڪري منهنجي گهرواري جيل ۾ آهي، مان نڪري توهان کي ۽ نيب چيئرمين کي نه ڇڏيندس، آزاد ٿيندي ئي توهان ٻنهي کي عدالت ۾ وٺي ويندس.
پي ٽي آءِ باني جي نيب جاچ آفيسر سان گفتگو دوران ڪيترائي ماڻهو اتي موجود هئا.
ياد رهي ته توشه خانه ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي ضمانت جي درخواست تي اڊيالا جيل ۾ احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد راڻا ٻڌڻي ڪئي، نيب پراسيڪيوٽر جي عدم حاضري تي ٻڌڻي 9 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي.