سياسي اختلافن کي نفرت ۾ تبديل نه ڪيو وڃي، ملڪ دشمن جتي به ملندا، اُتي چٿيو ويندو: آرمي چيف جنرل عاصم منير

سياسي اختلافن کي نفرت ۾ تبديل نه ڪيو وڃي، ملڪ دشمن جتي به ملندا، اُتي چٿيو ويندو، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواه جي عوام دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، دهشتگرد ۾ ملوث پرڏيهي قوتن کي ٻڌائڻ گهرون ٿا ته پاڪستاني عوام ۽ فوج سلامتي جو دفاع ڪرڻ ڄاڻن ٿا، آرمي چيف جنرل عاصم منير جو جي ايڇ ڪيو ۾ يومِ دفاع جي مُک تقريب کي خطاب، آرمي چيف چيو آهي ته عالمي سطح تي ٿيندڙ تبديليون پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ گِهرا اثر ڇڏينديون آهن، ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ڪشمير مسئلي جي حل ۾ آهي، اسان ڪشمير عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين

Read Previous

ٻاهر نڪري توکي ۽ نيب چيئرمين کي نه ڇڏيندس: عمران خان جي جاچ آفيسر کي ڌمڪي

Read Next

شاهپور چاڪر ويجهو تيل پائيپ لائين مان تيل چوري جو انڪشاف

Most Popular