شاهپورچاڪر ڀرسان ڳوٺ رسول بخش ڏاهري ۾ پي پي ايل جي گذرندڙ تيل ڪمپني جي پائپن ۾ ڊرلنگ ڪري تيل چوري ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن بعد تيل ڪمپني جديد اوزارن سان ليس ٽيڪنيڪل عملو ساڻ ڪري تيل چوري جي ڳولا ڪئي، جنهن ۾ تيل جي چوري واري جاءِ ڳولي ورتي، روزانو هزارين ليٽر تيل چوري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ڳجهن ذريعن کان اطلاع ملڻ تي پي پي ايل جي سڪيورٽي ۽ ٽيڪنيڪل ٽيم شاهپور چاڪر ڀرسان ڳوٺ رسول بخش ڏاهري پهتي، جنهن جديد اوزان سان ڳولا ڪندي تيل چوري ٿيندڙ جاءِ جي ڳولا ڪري ورتي، ڪمپني ملازم شاهپورچاڪر پوليس ساڻ ڪري تيل چوري ۾ استمعال ٿيندڙ اوزار، پائپ ۽ ڊرم ڊاٽسن هٿ ڪري پنهنجي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڇڏي، تفصيل معلوم ڪرڻ تي ايس ايچ او شاهپورچاڪر رائو واجد علي ٻڌايو ته ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي، ڇو ته جيسيتائين تيل ڪمپني جا عملدار ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ نه ايندا ته اسان ڪنهن جي خلاف ڪيس داخل نٿا ڪري سگهون.