ڏکڻ وزيرستان ۾ ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪو، 6 پوليس اهلڪارن سميت 10 ڄڻا زخمي

وزيرستان ۾ ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 6 پوليس اهلڪارن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

ريسڪيو ذريعن موجب ڊيوٽي جي لاءِ اهلڪارن کي کڻي ويندڙ پوليس جي گاڏي کي ڏکڻ وزيرستان ۾ ريموٽ ڪنٽرول ڌماڪي سان نشانو بنايو ويو جنهن ۾ 6 پوليس اهلڪارن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

پوليس نفري کي پرائيويٽ گاڏي جي ذريعي ڪڙي ڪوٽ اماڻيو پئي ويو. ريموٽ ڪنٽرول جي ذريعي ڪيل ڌماڪو ايترو زوردار هو جو انهي جي آواز پري پري تائين ٻڌي وئي.

ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙ پوليس اهلڪارن ۾ اورنگزيب، محمد طاهر، ڪامران، عطاءُالله شامل آهن جڏهن ته ٻين ماڻهن ۾ سيد اختر، امان الله، عابد، حبيب جان، نور خانم ۽ نور سلام شامل آهن.

واقعي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو 1122 جي ميڊيڪل ٽيم فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهتي جڏهن ته پوليس جي نفري به واقعي واري هنڌ پهچي شاهديون گڏ ڪيون. ريسڪيو اهلڪارن زخمين کي موقعي تي طبي امداد ڏئي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته پوليس علائقي جي ناڪابندي ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

Read Previous

شاهپور چاڪر ويجهو تيل پائيپ لائين مان تيل چوري جو انڪشاف

Read Next

چيف جسٽس ملازمت جي مدي ۾ واڌ وٺڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

Most Popular