پنهنجي اڳواڻ کي آزاد ڪري ڏيکاريو: خواجه آصف جو علي امين گنڊاپور کي چيلينج

دفاع واري وزير خواجه آصف اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي جلسي ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي خطاب تي سخت رد عمل ڏنو آهي.

پنهنجي بيان ۾ خواجه آصف چيو ته بنگلاديش جو حوالو ڏيڻ ۽ لشڪر وٺي پنجاب تي حملو ڪرڻ جي ڌمڪي انهي شخص  ڏني جنهن کان پنهنجي تڪ ۾ به امن قائم نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته جيڪڏهن هن وٽ ايترو لشڪر آهي ته دهشتگردي تي ڪنٽرول ڪري وٺي يا اهو مڃي ته اسان دهشتگردن سان گڏ آهيون، خواجه آصف چيو ته اهڙن لفظن تي قائم رهجو ته 15 ڏينهن ۾ پنهنجي اڳواڻ کي آزاد ڪرائيندو.

خواجه آصف چيو ته علي امين کي تقرير ۾ اهو ٻڌائڻو هو ته هو پهريون ڀيرو شهباز شريف سان ملڻ ڪنهن جي هدايت تي آيو هو جلسي ۾  ڊرامي بازي ٿا ڪريو.

ياد رهي ته اسلام بااد جي علائقي سنگجاني جي مال پڙي ۾ پاڪستان تحريڪ جي جلسي کي خطاب ۾ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور عمران خان کي آزاد ڪرڻ لاءِ حڪومت کي ڊيڊ لائن ڏني هئي.

علي امين چيو هو ته عمران خان جي وڪيلن ٻڌايو آهي ته عمران خان جا ڪيسز ختم ٿي چڪا آهن. هڪ کان 2 هفتن ۾ قانوني طور تي عمران خان آزاد نه ٿيو ته اسان انهي کي پاڻ آزاد ڪرائينداسين مان اوهان جي اڳواڻي ڪندس ۽ پهرين گولي مان پاڻ کائيندس مان سڀني کان اڳڀرو هوندس. هن چيو ته جيڪڏهن اسان پوئتي هٽياسين ته ٻيهر اهڙو موقعو نه ملندو، نه ٻيهر اهڙو اڳواڻ ملندو، نه اهڙي قوم ملندي نه ئي اهڙو جذبو ملندو.

Read Previous

چيف جسٽس ملازمت جي مدي ۾ واڌ وٺڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

Read Next

عالمي برادري کي پيغام ڏيون ٿا ته اسرائيل جو وجود ڪنهن به صورت ۾ تسليم نه ڪيو ويندو: فضل الرحمان

Most Popular