موٽر وي تي ڦاسي وڃڻ سبب پي ٽي آءِ جلسي ۾ نه پهچي سگهيس: اسد قيصر

پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ اسد قيصر ٻڌايو آهي ته مان موٽر وي تي ڦاٿل هجڻ سبب جلسي گاهه تائين نه پهچي سگهيو هئس.

نجي ٽي وي چينل سان ڳالهيون ڪندي هن گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ جي سنگجاني جلسي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو سبب ٻڌايو. هن چيو ته اسان چيو هو ته 7 وڳي تائين جلسو ختم ڪنداسين پر جلسي گاهه تائين پهچڻ جا رستا بند ڪيا ويا هئا.

اسد قيصر چيو ته مان موٽر وي تي ڦاٿل هئس جنهن جي ڪري جلسي گاهه تائين نه پهچي سگهيس. هن وڌيڪ چيو ته اسان امن امان ۾ رنڊڪ وجهڻ نٿا چاهيون، آئيني ۽ قانوني رستو اختيار ڪنداسين.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ انتظاميه طرفان مشروط اجازت ملڻ کان پوءِ اسلام آباد جي علائقي سنگجاني ۾ جلسو ڪيو ويو هو جلسي ۾ سڄي ملڪ مان پي ٽي آءِ اڳواڻن سميت ڪارڪنن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي هئي.

Read Previous

عالمي برادري کي پيغام ڏيون ٿا ته اسرائيل جو وجود ڪنهن به صورت ۾ تسليم نه ڪيو ويندو: فضل الرحمان

Read Next

رياستي ادارن تي حملو ڪندڙن سان ڳالهين جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: اسحاق ڊار

Most Popular